محراب پور ۾ ڀوپي جن ڪڍڻ بهاني نياڻي کي ڀتين سان ٽڪر هڻي ماري ڇڏيو

محرابپور (رپورٽ : عطا حسين سھتو ) محرابپور جي لائين پاڙي ۾ ڪاٺ جي پالش ڪندڙ پورهيت نظير عباسي جي 14 سالا نياڻي ثمرا نوابشاهه کان آيل عامل/ڀوپي خوشي محمد ھٿان جنات ڪڍڻ بھاني تشدد ۾  فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته نينگري جي وارثن جو چوڻ آهي ته نينگري کي حسابي چڪر سبب ڀوپي نياڻيءَ کي ڀتين ۾ ٽڪر ھڻي زخمي ڪيو جنهن سبب فوت ٿي وئي، جڏهن ته اڳ پڻ منهنجا ٻه ٻارڙا جنات جي چڪر ۾ فوت ٿي چڪا آهن ۽ ٻه ٻارڙا اڄ به حسابي چڪر ۾ جڪڙيل آهن، ٻئي پاسي علائقي واسين جو چوڻ آهي ته نياڻي ڀوپي جي تشدد ۽ باھ ڏئي ساڙڻ ۾ فوت ٿي وئي آهي. ھوڏانھن نئين آيل ايس ايڇ او محرابپور ياسر کوسو جو چوڻ آهي ته معاملي جي ڄاڻ آهي ۽ جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.