پنج ميجر جنرلن کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدن تي ترقي

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت پنج ميجر جنرلن کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدن تي ترقي ڏئي ڇڏي. وفاقي حڪومت جي بچاءَ واري کاتي پاران ترقيون ڏنيون ويون جن موجب 2 اسٽار جنرل آفيسر  مان 3 اسٽار جنرل آفيسر ۾ ترقي ماڻيندڙن ۾ ليفٽيننٽ جنرل محمد حسن خٽڪ، ليفٽيننٽ جنرل تبسم حبيب، ليفٽيننٽ جنرل اظهر وقاص، ليفٽيننٽ جنرل محمد عامر نجم ۽ ليفٽيننٽ جنرل ارشد نسيم شامل آهن.

  1. ڪراچي ۾ ورڪشاپ تي بيٺل ڪار مان عورت جو لاش هٿ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ ورڪشاپ ۾ بيٺل ڪار مان عورت جو لاش پوليس کي هٿ آيو، ان سلسلي ۾ ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته عورت جو لاش ورڪشاپ ۾ بيٺل ڪار مان ملي آهي، ڪار ۾ هڪ مرد به بيهوشي حالت ۾ موجود هو، جنهن کي اسپتال منتقل  ڪيو ويو آهي، پوليس موجب، عورت جي سڃاڻپ 29 ورهين جي جويريه جي نالي سان ٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.