سنڌ خلاف سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: ڪاشف سعيد شيخ

ڪراچي /لاڙڪاڻو (پ ر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته سنڌ امن جي ڌرتيءَ آهي،سنڌ جي امن، حقن ۽  دنگن خلاف ڪا به سازش ڪامياب ڪو نه ٿيڻ ڏبي، 26 هين ترميم ملڪ ۽ قوم جي ڀلي  لاءِ نه پر حڪمرانن جي ذاتي مفادن جي پورائي لاءِ آهي، دهشتگردي روڪ ايڪٽ ۾ ترميم بل بنيادي حقن جي خلاف آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن منهاج القرآن طرفان ڏنل آجياڻي ۾ خطاب دوران ڪيو . ان موقعي تي درگاھه رحمت پور جي گادي نشين پير عبدالغفار شاھه، عبدالعزيز قاسمي ۽ ٻين سنڌ جي امير کي سنڌ جو سوکڙي اجرڪ پارايو، قاري ابو زبير جکرو ، حفيظ آرائين، سجاد علي شاھه، حافظ روشن انقلابي پڻ موجو دهئا، هن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي اتحاد امت جي داعي جماعت آهي . جيڪا ملڪ ۾ اسلامي نظام کي لاڳو ، نفرتن جي خاتمي ۽ معاشري جي اصلاح لاءِ جاکوڙ ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.