ڪنڌ ڪوٽ پوليس وڪرم ۽ اويناش کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، خالي دلاسا!

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي/ عرفان کوسو) ڪنڌڪوٽ ضلعو ۾ قائم ٿيل ڌاڙيل راڄ کي پوليس ڪجھه نه ڪري سگھي گذريل ڏينهن سکر ضلعي جي صالح پٽ شھر واسي ھندو فيملي بڊاڻي گردوارھ  صاحب ۾ ڏياري جي موقعي تي ڪيرتن ڪري واپس ويندي ھٿياربندن ھٿان يرغمال ٿيڻ بعد نوجوان وڪرم ڪمار کي ڌاڙيل سرعام ڏينهن ڏٺي جو اغوا ڪري آرام سان ھليا ويا جنهن واقعي بعد ھندو برادري ۾ خوف ۽ حراس پيدا ٿيل آهن، ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ پوليس پاران ڏنل دلاسو صرف خالي نظر آيو، ڏوھارين جي قيد مان وڪرم ڪمار بازياب نه ٿي سگھيو، وڪرم ڪمار جي جيجل امڙ، ڀيڻ، سندس گڏ يرغمال ٿيل نڪتيا ڪماري جو چوڻ آهي ته سک سنگت وڪرم ڪمار جي بازيابي لاء ملڪ اندر آواز اٿاري اسان جي مدد ڪن، اسين ھٿ جوڙي اپيل ڪريون ٿا ته وڪرم ڪمار واپس ڏنو وڃي، ٻي پاسي ڪنڌ ڪوٽ شھر مان به 20 ڏينهن اڳ پراسرار نموني کنڀيل نوجوان اويناش ڪمار جو به ڪو ڏس پتو نه پئي سگھيو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس کنڀي وئي جڏھن ته پوليس ڪجھه ڏينھن اھو تاثر ظاھر ڪيو آهي ته بنگوار گينگ اغوا ڪري وئي آهي، سندس گھر ڀاتي به غم ۾ ورتل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.