اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت پنج ميجر جنرلن کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدن تي ترقي ڏئي ڇڏي. وفاقي حڪومت جي بچاءَ واري کاتي پاران ترقيون ڏنيون ويون جن موجب 2 اسٽار جنرل آفيسر مان 3 اسٽار جنرل آفيسر ۾ ترقي ماڻيندڙن ۾ ليفٽيننٽ جنرل محمد حسن خٽڪ، ليفٽيننٽ جنرل تبسم حبيب، ليفٽيننٽ جنرل اظهر وقاص، ليفٽيننٽ جنرل محمد عامر نجم ۽ ليفٽيننٽ جنرل ارشد نسيم شامل آهن.
-
ڪراچي ۾ ورڪشاپ تي بيٺل ڪار مان عورت جو لاش هٿ
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ ورڪشاپ ۾ بيٺل ڪار مان عورت جو لاش پوليس کي هٿ آيو، ان سلسلي ۾ ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته عورت جو لاش ورڪشاپ ۾ بيٺل ڪار مان ملي آهي، ڪار ۾ هڪ مرد به بيهوشي حالت ۾ موجود هو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب، عورت جي سڃاڻپ 29 ورهين جي جويريه جي نالي سان ٿي آهي.