شڪارپور(م ڊ) شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن جاري آهي، پهريون ڀيرو ڊرون ذريعي حملا ڪيا ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ پنجن ڏينهن دوران 9 ڏوهاري مارجي ويا ۽ 45 زخمي ٿيا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته حملي ۾ بدنام ڌاڙيل بيلو تيغاڻي زخمي ٿي پيو آهي، جيڪڏهن اهڙي طرح آپريشن جاري رهيو ته ڪچي مان ڌاڙيلن جو خاتمو ٿي ويندو.