ڪراچي (رپورٽر) جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران سنڌو نديء مان ڇھ نوان ڪئنال ڪڍڻ ڪالاباغ ڊيم سميت ٻيا ڊيم ٺاھڻ ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف پريس ڪلب ڪراچي اڳيان پارٽي چيئرمين نواز خان زئور محمد علي خشڪ صوفي حاجن گل، شاهد سومرو، فراز سنڌي ۽ قومي ناري تحريڪ جي اڳواڻ عروج آزاد جي اڳواڻي ۾ احتجاجي بک ھڙتال ڪئي وئي. احتجاج ۾ عوامي جمھوري پارٽي جي اڳواڻ حريف چانڊيو، اسلم بلوچ، پروفيسر مشتاق ميراڻي، شھاب اوستو، الاهي بخش چاچڙ، وقار ميراڻي سميت عورتن ۽ ڪارڪنن يڪجهتي طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته سنڌوء درياه تي ڪئنالن ۽ ڊيمن جون رٿائون سنڌ دشمن ۽ درياه دشمن رٿائون آهن پنجاپ کي آباد ڪرڻ لاء سنڌ کي سڪايو ۽ درياھ کي تباهه ڪيو پيو وڃي اهي رٿائون قدرتي ايڪو سسٽم ۽ ماحوليات دشمن رٿائون آهن، پارٽي اڳواڻ نواز زئور چيو ته سنڌو دريا ۽ ان جي ڇوڙ واري علائقي سميت سموري سنڌ تباهي جي ور چڙهي ويندي ۽ درياه تي قبضو ڪرڻ لاء ئي اهي رٿائون آنديون پيون وڃن. هن اعلان ڪيو ته قومي پارٽي پاران ڪئنالن ۽ ڊيمن خلاف 10 نومبر تي جهوڪ کان بٺوري تائين پيادل مارچ ڪيو ويندو ۽ 24 نومبر تي ٽنڊي محمد خان ۾ گڏيل ريلي رهبر ڪميٽي پاران ڪڍي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته گرين انيشئيٽو جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاء سنڌ جي زراعت کي تباه ڪيو پيو وڃي.