اسلام آباد (فخر دراني) جڊيشل ڪميشن جي گڏجاڻي ٿيڻي آهي، جنهن ۾ چيف جسٽس سميت 4 جج آهن، پنجون ان جڊيشل ڪميشن جو سربراهه هوندو. جڊيشل ڪميشن جي 12 رڪني ميمبرن جي گڏجاڻي ٿيندي، ان ۾ آئيني بينچ جي حوالي سان به ايجنڊا شامل آهي. آئيني بينچ ۾ حڪومت جي حمايت يا مخالفت ۾ ووٽ پئجي سگهن ٿا. جڊيشل ڪميشن جي قيام کي ڏسجي ته حڪومت جو پاسو ڳرو آهي جڏهن ته ڪجهه سرپرائيز به اچي سگهن ٿا. جسٽس منيب اختر جو ايندڙ ڏينهن ۾ رويو تبديل ٿي سگهي ٿو ڇو ته سندس مدو 2030 تائين آهي. جسٽس منصور علي شاهه جو آئيني ترميم ذريعي رستو روڪيو ويو هو پر جسٽس منيب اختر حڪومت خلاف ڪجهه به سرعام نه ڪندو جيئن هو پهريان ڪندو رهيو آهي. هاڻي رٿيل گڏجاڻي ۾ اهڙو ڪو اشارو نه ملي سگهندو پر ان کانپوءِ جيڪا گڏجاڻي ٿيندي ان مان اهڙي اميد رکي سگهجي ٿي. آئيني عدالتن لاءِ حڪومت طرفان ججن جي رستا روڪ جي حوالي سان جسٽس منصور علي شاهه اڳتي نه وڌندو. پر جيڪڏهن جسٽس منيب اختر اهڙو ڪجهه ڪندو ته خدشو آهي ته سندس حالت به جسٽس منصور علي شاهه جهڙي نه ٿئي. آئيني بينچ جو سربراهه جي حوالي سان جسٽس امين الدين خان جا وڌيڪ امڪان آهن.