پيپلز پارٽي 6 تڪراري ڪئنال رد ڪرائڻ لاءِ وفاق تي زور ڀري: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي صدارت ۾ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ تنظيمي سرگرمين، ملڪي ۽ سنڌ جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪري اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ 17 نومبر تي ڪراچي ۾ ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين اعلانيل ريلي جي رٿابندي ڪئي وئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌو درياهه ۽ سنڌ سان دشمني پاڪستان سان دشمني آهي. جن ڏوهارين 71ع ۾ قائداعظم جي پاڪستان کي ٽوڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، انهن ملڪ جي اقتدار اعليٰ تي قبضو ڪري ورتو آهي، اجلاس ۾ چيو ويو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام سان مڪر ۽ فراڊ ڪري رهي آهي. هڪ طرف نون ڪينالن ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن جو اعلان ڪيو ويو آهي ته ٻي طرف مراد علي شاهه، نثار کهڙو ۽ سنڌ اسيمبلي ڪوڙ ڪري چولستان ڪينالن خلاف بيان پيا ڏين پر عملي طور سي سي آءِ جو اجلاس گهرائي ڪينال رد ڪرائڻ لاءِ وفاق تي زور نٿا ڀرين. اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ لال جروار، عبدالقادر رانٽو، ستار رند، ماهه نور ملاح، علي محمد پرويز، ڊاڪٽر دلدار لغاري، حسنه راهوجو، ماروي سنڌو، پرهه سومرو، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، نور نبي پليجو، محمد علي ٽالپر، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمنٰ مهيسر، عبدالرحمنٰ سمون، ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي، علي محمد ڪلمتي، ممتاز کوسو، ايڊووڪيٽ خالد تنيو، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ڪاشف ملاح، ڄام تماچي، ميرپرويز دائودپوٽو، ممتاز کوسو، مجيد ساگر پرهياڙ، ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.