ٻيو ”کدڙا ميلو“ 9 نومبر تي منعقد ڪرائڻ جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽر). سنڌ جي گاديءَ واري شهر جي کدڙن فقيرن حنا پٺاڻي، مس ڪامي چوڌري، ڊاڪٽر ساره گل، بنديا راڻي،  راجا بني، مزدور اڳواڻ ناصر منصور، ڪامريڊ زھره ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته پاڪستان جي کدڙا برادري طرفان ٻيو ” کدڙا ميلو” 09 نومبر تي منجهند جو ٻي وڳي کان شام 7 وڳي تائين فريئر هال جي جناح باغ ۾ منعقد ڪيو ويندو، ڊاڪٽر ساره گل چيو ته هو پاڪستان جي کدڙا برادري جي پهرين ڊاڪٽر آهي ۽ اسان جي برادري جي جن به فردن کي موقعا ملن ٿا، تعليم آفته بڻجي اهم عهدن تي اچي رهيا آهن، هي ميلو سماج ۾ کدڙن فقيرن لاءِ مثبت پيغام آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، مزدور اڳواڻ ناصر منصور چيو ته ملڪ جي مزدور طبقي ۽ ٻين پيڙهيل گروپن وانگر کدڙا فقير به جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام جو شڪار آهن، ڪامريڊ زهرا چيو ته جيڪڏهن معاشري جا جاهل ماڻهو هنن کي کدڙا سڏي طعنا هڻي ٿو ته پوءِ اسان به کدڙا آهيون ۽ هنن مظلومن جو حصو آهيون،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.