ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڪراچيءَ جي سرڪاري اسڪولن کي اماڻيل مفت درسي ڪتاب مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيڻ واري خبر تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي هن کي سردار علي شاھ توڙي سنڌ سرڪار جي ناڪامي قرار ڏنو آهي ۽ گھر ڪئي آھي ته تعليم کاتي ۾ موجود ٻارن جي مستقبل سان کيڏندڙ مافيا جي خلاف سخت ڪارروائي سان گڏوگڏ حڪومت سنڌ ۾ تعليمي جي بھتري لاءِ سنجيده ۽ ڪرپشن فري قدم کڻي. ھن چيو ته ڪارونجھر جي ڪٽائي کان تعليم جي تباھي تائين سنڌ مٿان تسلسل سان اقتدار ۾ ويٺل پيپلزپارٽيءَ ئي ذميوار آھي.اڳ ۾ سنڌ ۾ تعليم تباھ آھي. بار بار تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ باوجود ھن وقت به سنڌ جا 70 لک ٻارڙا اسڪول کان ٻاهر آهن.