سنڌ آبادگار بورڊ پاران تڪراري ڪئنالن خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار بورڊ، چولستان ڪئنال سميت سنڌو نديءَ تي ٺھندڙ 6 تڪراري ڪئنالن خلاف 24 نومبر  کان ڀرپور احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ آبادگار بورڊ چيو آھي ته نوان 6 ڪئنال ٺاھڻ سڄي آبپاشي نظام کي تباھه ڪرڻ جي برابر آهي، ان سان درياهه جي ھيٺانھين وارا سخت متاثر ٿيندا. اھڙو عمل ڪنھن به صورت ۾ قبول ڪرڻ جوڳو نه آھي. سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس صدر محمود نواز شاھه جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن ۾ ڊاڪٽر محمد بشير نظاماڻي، ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، محمد ملوڪ نظاماڻي، اعظم خان رند،  محمد عمران بوزدار، محمد طاھا ميمڻ، سلمان علي شاھه، ڊاڪٽر علي رضا مير جت،  محمد عمر ٻگھيو، سرفراز جوڻيجو، مصطفيٰ نواز شاھه، مراد علي شاھه بُڪيرائي، علي مردان شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته ايئن لڳي رهيو آھي ته ڪئنالن جون اھي رٿائون بنا سوچڻ ۽ سمجھڻ جي شروع ڪيون ويون آھن. جنھن ۾ فزيبلٽي، پاڻي جي دستيابي، صوبن جي راضپي، ماحولياتي اڀياس کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آھي. تنهن ڪري سنڌ آبادگار بورڊ چولستان ڪئنال کي رد ڪندي 24 نومبر کان ڀرپور احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. چولستان ڪئنال لاءِ  ارسا اھو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ وقت  سنڌ ۾ مارچ کان مئي تائين پاڻي جي ٿيندڙ کوٽ سميت ڪيترن ئي پاسن کي نظر ۾ نه رکيو آھي. ارسا ان ڳالهه تي ڌيان ئي نه ڏنو ته جيڪڏهن ڪجهه سالن ۾ پاڻي سرپلس ٿئي ٿو ته اھو به اپريل کان نه پر رڳو  جولاءِ کان پوءِ ٿيندو. سنڌ آبادگار بورڊ پنھنجي اعتراضن ۾ چيو آھي ته چولستان ڪئنال جي رٿا مان ئي اھو چٽو ٿي رھيو آھي ته ان کي مستقل طور وھائڻ لاءِ ٻوڏ کانپوءِ جي وقتن ۾ ٻين ڪينالن جي حصي واري پاڻي ۾ گھٽتائي ڪرڻي پوندي. ھڪ ٻيو اڳ ئي ٺھندڙ تڪراري جلال پور ڪئنال رسول بئراج وٽان پاڻي کڻندو. جڏھن ته چولستان ڪئنال کي پڻ اتان ئي پاڻي ڏنو ويندو، ان جي نتيجي ۾ ان  بئراج جو موجوده ڪمانڊ وارو  ڪيتروئي علائقو پاڻي کان محروم ٿي ويندو. سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو ته اھا ڳالھھ سخت ڳڻتي جوڳي آهي ته اهي ڪئنال جيڪي ٻوڏن جي وقت ۾ وھائڻ لاءِ ٺھيل آهن انھن بابت غلط ڊيٽا درياهه جي پاڻي ۾ گهٽتائي جو سبب ٿيندي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.