ايراني يونيورسٽي ۾ ڪپڙا لاهي احتجاج ڪندڙ ناري گرفتار

تهران ( م ڊ ) ايران جي هڪ يونيورسٽي ۾ احتجاج ڪندي پنهنجا ڪپڙا لاهيندڙ ناري کي گرفتار ڪيو ويو ، ايران جي هڪ يونيورسٽي ۾ هڪ ڇوڪري سخت مذهبي ڊريس ڪوڊز خلاف احتجاج ڪندي پنهنجا ڪپڙا لاهي ڇڏيا ۽ پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو.پرڏيهي خابرو اداري  موجب ايران جي هڪ يونيورسٽي جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هڪ ناري ملڪ ۾ لباس پائڻ بابت سخت قاعدن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهي آهي. وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ ڇوڪري کي اڌ ننگي ڏٺو ويو ۽ هوءَ يونيورسٽي جي هڪ بلاگ ۾ ڏاڪڻين تي ويٺي آهي. بعد ۾ هڪ ڇوڪري جي گرفتاري جي وڊيو پڻ سامهون آئي، جيڪا سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ اسلامڪ آزاد يونيورسٽي جي هڪ برانچ جي سيڪيورٽي گارڊ کي اڻڄاتل ڇوڪري کي گرفتار ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.  يونيورسٽي جي ترجمان عامر محبوب مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته پوليس اسٽيشن ۽ ميڊيڪل ٽيم ٻڌايو آهي ته ڇوڪري جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي ۽ هوءَ سخت ذهني دٻاءُ جو شڪار هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.