جيل سڌارن واري اجلاس مان مسڪين قيدي ٻاھر، ايليٽ ڪلاس شامل ڪرڻ تي خدشا

اسلام آباد (حماد حسن)چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي زير صدارت لاھور ۾ اھم اجلاس، روايت جي ابتڙ اجلاس ۾ خديجھ شاھ کي بھ گھرايو ويو ان سان گڏو گڏ احد چيما کي بھ گھرايو ويو احمد چيما ھن وقت وفاقي وزير آھي ۽ اڳ ۾ پنجاب جو طاقتور بيوروڪريٽ رھي چڪو آھي. جيلن ۾ موجود اسي سيڪڙو قيدين جو تعداد اھڙو آھي جيڪي غربت جي لڪير کان ھيٺ واري زندگي گزاريندڙ خاندانن سان واسطو رکن ٿا. پر انھن قيدين بجاءِ خديجھ شاھ کي گھرايو ويو اجلاس ۾ ايليٽ ڪلاس جي اڳوڻن قيدين کي گھرايو ويو جڏھن تھ خط غربت کان ھيٺ واري زندگي گھاريندڙ قيدين مان ڪنھن کي بھ نھ سڏيو ويو. چيف جسٽس مان سٺيون اميدون آھن تھ ملڪ اندرانصاف جي نظام لاءِ ڪوشش وٺندو، پھرين اجلاس ۾ قيدين جي نمائندگي ايليٽ ڪلاس کي ڏني وئي، پنجاب جي جيلن جي حوالي سان ۽ انھن اندر سڌارن جي حوالي سان ڳالھ ٻولھ ٿي جڏھن تھ باقي بلوچستان جيلن ۾ گھٽ قيدي موجود آھن ۽  ڪي پي جي جيلن ۾ وڌيڪ خطرناڪ قيدي واڙيل آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.