ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي نامور وڪيلن، سول سوسائٽي ۽ سياسي پارٽين جي اڳواڻن، اديبن، ليکڪن، دانشورن سنڌ ۾ بدامني، اغوائن، ڦرن، جرڳن ۾ انساني حقن جي خلاف ورزي ڪندي مردن عورتن کي ڪارو ڪاري قرار ڏيڻ، معصوم نينگرين کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ، سنڌو درياهه کي قتل ڪرڻ جي سازش، بي روزگاري، ڌارين جي آبادڪاري، زراعت کي تباھ ڪرڻ جو ذميوار سنڌ جي ڀوتارن، سردارن ۽ جاگيردارن ۽ حڪومت کي قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته سرداري ۽ جاگيرداري نظام ۽ انهن جي سياست مٿان ڪنٽرول کي ختم ڪرڻ لاءِ حقيقي زرعي سڌارا آندا وڃن، اها ڳالهه ڪالهه سول سوسائٽي جي طرفان ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران سنڌ ۾ ڀوتار ڪي نظام ۽ ان جي خاتمي لاءِ هڪ احتجاجي مظاهري ۾ ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻ نامور وڪيل شهاب اوستو تقرير ڪندي چيو ته هن وقت سنڌ جا جيڪي به مسئلا آهن انهن جا ذميوار سردار ۽ ڀوتار آهن، پوليس سردارن ۽ وڏيرن جي قبضي ۾ آهي ۽ ڀوتار ڌاڙيلن کي پالي سنڌ جي قومي سياست ۽ مزاحمت ۾ رڪاوٽون وجهڻ لاءِ وچين ۽ هيٺين ڪلاس جي مردن، ٻارن ۽ نوجوانن کي اغوا ڪري کين قتل به ڪري رهيا آهن هن چيو ته سنڌ جو وڏيرو ۽ ٻيا سرڪاري ادارا گڏجي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري ماڻهن کي يرغمال بڻايون ويٺا آهن، ڀوتارن کي اليڪشنون کٽرائي سنڌ جي تعيلم تباھ ڪئي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جا 70 لک ٻار اسڪول نه ٿا وڃي سگهن، سنڌو درياهه اندر جيڪو پاڻي جو مسئلو آهي ان جو ذميوار سردار آهن انهن پوري سنڌ يرغمال بڻائي ڇڏي آهي جيستائين اهو ڀوتارن جو سسٽم ختم نه ٿيندو تيستائين سنڌ جو ڪو مستقبل ناهي، پوليس شهيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن سان ڪو به تعاون نه نٿي ڪري، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ وڪيل عبدالله ٻپڙ چيو ته سنڌ ۾ رياست ادارن جي تيار ٿيل سردارن جي عوام دشمن ڪوڙي جمهوري حڪومت موجود آهي، سنڌ اسيمبلي جرڳا ڪندڙ، پريا ڪماري کي اغوا ڪندڙ، سنڌ جو سودو ڪندڙ، ڌارين کي آباد ڪندڙ، سنڌ جي ساهه سنڌو درياهه کي سڪائڻ وارن رياستي ڀوتارن، سردارن ۽ جاگيردارن ۽ سندن ڪجهه پڙهيل لکيل غدار وچين ڪلاس جي ايجنٽن جي اوطاق آهي، سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ حقيقي زرعي سڌارا آڻي جاگيرداري ۽ سرداري نظام جو خاتمو آندو وڃي. ايس يو پي اڳواڻ جڳديش آهوجا چيو ته سردارن ۽ وڏيرن جي سياست سنڌ کي تباهي کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي، عام ماڻهن جا بنيادي حق غصب ڪيا ويا آهن، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ حريف چانڊيو چيو ته سنڌ خلاف هر سازش جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ان جي پويان ڀوتارن ۽ سردارن جو هٿ رهيو آهي، اهي پنهنجي مزاج ۾ سنڌ ۽ عوام دشمن آهن، جن مان جند ڇڏائڻ لاءِ سنڌ ۾ صنعتي انقلاب آندو وڃي، هن چيو ته سنڌ اندر جيڪو اهو سرداري ۽ جاگيرداري نظام آهي ڍونڍ بڻجي ويو آهي ان مان سنڌ ماڻهن کي ڪو به فائدو ناهي، هن چيو ته هي اها جمهوريت ناهي جنهن لاءِ فاضل راهو، نظير عباسي، مرتضيٰ ڀٽو ۽ ٻيا شهيد ٿيا اڄ انهن جي نالن تي هي سياسي وڏيرا اقتدار ۾ اچي ويا جيڪي ڪالهه ڪک پتي هئا اڄ ارب پتي بڻجي ويا آهن،پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته سنڌ اندر سنڌي ماڻهن جي حقن جو تين وال ٿي رهيو آهي، غربت وڌي وئي آهي.ڦرون ڌاڙا وڌي ويا آهن اهو سڀ ڪجهه سرداري ۽ ڀوتارڪي نظام جي ڪري ٿيو آهي، سينئر صحافي مشتاق سرڪي چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي سماج ۾ ڀلائي لاءِ آواز اٿاريو سچ ڳالهائڻ سبب کيس شهيد ڪيو ويو، تازو سنڌ جي وڏيري جي پٽ حيدرآباد ۾ جيڪو سنڌ پوليس جي اهلڪار جو حشر ڪيو ان پوليس جو رويو اهو ٻڌائي رهيو آهي ته ڀوتارڪي نظام خلاف ڪو به ايڪشن نه ٿا کڻي سگهن، آءِ جي سنڌ جي خاموشي مان اهو ظاهر ٿي رهيو هو ته سنڌ اندر ڀوتارڪو نظام ڏينهون ڏينهن طاقتور ٿيندو پيو وڃي،غلام قمبر حاجاڻو، پرويز ابڙو، يونس ابڙو،جمن تنيو، لياقت جلباڻي، سهڻي پارس صحافي دستگير ڀٽي، پارس پنهور ۽ ٻين چيو ته اڄ اسان شهيد نصرالله گڏاڻي، ناظم جوکيو، جان محمد مهر، شاهنواز ڪنڀر، فاطمه ڦڙو، اجمل ساوند جي خون سان انصاف لاءِ نڪتا آهيون، هن نظام کي اسٽيبلشمينٽ فل سپورٽ ڪيو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياهه سنڌين جو جياپو آهي سنڌو درياهه مٿان ڌاڙي ۾ پ پ ملوث آهي هنن مطالبو ڪيو ته ارسا ايڪٽ ترميم ڪرڻ واري عمل کي فوري طور تي روڪيو وڃي، سنڌو درياهه جي پڇڙي تائين هر صورت ۾ 1991 ٺاهه مطابق پاڻي پهچايو وڃي.مظاهرين جي هٿن ۾ سرداري ۽ ڀوتارڪي نظام خلاف، پريا ڪماري جي بازيابي ۽ ٻين مطالبن جا پلي ڪارڊ موجود هئا، مظاهرين شهيد نصرالله گڏاڻي، شهيد شاهنواز ڪنڀر،فاطمه ڦرڙو، اجمل ساوند ۽ ٻين جي قتل،پريا ڪماري جي اغوا خلاف سخت نعريبازي ڪئي