پي آءِ اي کي بدنام ڪري ڀڳڙن مٺ خريد ڪرڻ جو ماسٽر مائينڊ ڪير؟

اسلام آباد(رئوف ڪلاسرا) پي آءِ اي جي نيلامي جي حوالي سان عجيب صورتحال سامهون اچي رهي آهي، ڪجهه ماڻهن جي غلط فيصلن سبب ملڪ تباهه ٿي رهيو آهي، مشرف دور ۾ اسٽيل مل 12 ارب رپين جو منافعو ڏئي رهي هئي، اڄ اها بند پيل آهي، اهو سڀ جمهوريت جي ڪري ٿي رهيو آهي، ٻي پاسي ريلوي کي به ڏسو، ڇا ادارن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ حڪمرانن وٽ 16 سال گهٽ آهن؟ جو بهتري نه آڻي سگهيا؟ نواز شريف 2016ع ۾ به ايئر لائن هلائڻ جو تجربو ڪيو هو، 4 کان 6 ارب رپين جو نقصان ٿيو هو، ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ نواز شريف پنهنجي ڌيءُ مريم نواز کي چيو ته حڪمران پي آءِ اي کي وڌيڪ هلائي نه ٿا سگهن، اداري کي ٺيڪ نه ٿا ڪري سگهن، هاڻي توهان خريد ڪريو، يا نئين ايئر لائن شروع ڪريو، جيڪا اڏام نه نواز شريف هلائي سگهيو نه وري شهباز شريف هلائي سگهيو، ڇا مريم نواز پي آءِ اي کي هلائي سگهندي؟ ڇا هاڻي پنجاب حڪومت جو اهو ڪم بچيو آهي ته پي آءِ اي هلائي؟ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته وفاق ۾ ويٺل پي آءِ اي کي هلائي نه ٿا سگهن ۽ صوبي ۾ ويٺل هلائي سگهن ٿا؟ نواز شريف پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف کي اهو نه چيو ته پي آءِ اي کي بهتر ڪري ان کي هلايو، هن ڀاءُ تي اعتماد نه ڪيو آهي، ڀاءُ بدران پنهنجي ڌيءُ تي ڀروسو ڪيو آهي، ٻي پاسي گنڊا پور چوي ٿو ته اسين پي آءِٰ اي جي ٻولي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، نجڪاري ڪميٽي جي اجلاس ۾ وزير چيو ته پي آءِ اي ذريعي 70 کان 80 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، هي حڪمران ملڪ ۽ قوم سان مذاق ڪري رهيا آهن، چون ٿا پي آءِ اي کي روائيز ڪرڻ لاءِ 400 ارب جي ضرورت آهي، هڪ پاسي چون ٿا پئسا ناهن ته ٻي پاسي آءِ پي پيز کي گهر ويٺي اربين رپيا ڏئي رهيا آهن، نجڪاري ڪميٽي  اجلاس ۾ پڇيو ويو ته پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ پرڏيهي ڪمپنيون ڇو نه آيون؟ جنهن تي 22 گريڊ جي ڪاموري جواب ڏنو ته پي آءِ اي کي پرڏيهي ڪمپني کي نه ڏينداسين ڇو ته پرڏيهي ڪمپنيون ڊالر کڻي اچن ٿيون ته اهي منافعو به ڊالرن ۾ کڻي وڃن ٿيون، اسان وٽ ڊالرن ناهن ته پوءِ اسين انهن کي ڊالرن ۾ منافعو ڪٿان ڏينداسين؟ اسان کي لوڪل ڪمپنيون سُوٽ ڪن ٿيون، هن آفيسر اهو نه سوچيو ته جيڪڏهن هو پي آءِ اي کي 400 ملين ڊالرن ۾ وڪرو ڪن ٿا ته رقم به ڊالرن جي صورت ۾ اسٽيٽ بئنڪ ايندي پر 22 هين گريڊ جي آفيسر اهو نه سوچيو، حقيقت اها آهي ته پي آءِ اي کي بدنام ڪرڻ لاءِ پلان جوڙيو ويو آهي، مذاق اڏايو ويو آهي، پي آءِ اي جي خريداري لاءِ 10 ارب رپين جي ٻولي به هڪ سازش آهي، اداري کي ڀڳڙن جي مٺ تي خريد ڪرڻ لاءِ تياريون ڪيون ويون آهن، ان جي ذميواري لاڏلي وزير کي سونپي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.