اسلام آباد (م ڊ) نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته پي آءِ اي کي ڀڳڙن مٺ وڪرو نه ڪنداسين، منهنجو ڪم پي آءِ اي کي ٺيڪ ڪرڻ ناهي پر ان کي وڪرو ڪرڻ آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل منهنجي اچڻ کان 6 مهينا اڳ ٿي چڪو هو، جيڪو عمل اڳ شروع ٿي چڪو هو ان ۾ ڪا تبديلي نٿو ڪري سگهان. مون وٽ فريم ورڪ ۾ تبديلي جو ڪو اختيار ناهي. مون پي آءِ اي جو اهو حال ناهي ڪيو، سڀ ماڻهو پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائين ۽ قومي ايئرلائين جو ٻيڙو ٻوڙڻ ۾ پنهنجو حصو ڳولين. مون کي انهن کان وڌيڪ بهتر ڪم ڪرڻ اچي ٿو. هن چيو ته قومي ايئرلائن وڪرو ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ٿيندي ته ذميواري کڻندس پر خريدار نه آهيان. مون کان اڳ 25 وزير رهيا، انهن مان به سمجهائي رهيا آهن، پاڻ وزير رهيا ته ان وقت اهو ڪم کين ڪرڻ گهربو هو، پي آءِ اي قومي اثاثو آهي، ٽڪي ڌڙي نٿو وڪڻي سگهجي، مون کي ڪاروبار نه سيکاريو وڃي، پنهنجي ذميواري جو احساس آهي. عليم خان چيو ته اها سٺي ڳالهه آهي ته مختلف صوبن جون حڪومتون قومي ايئرلائن جي خريداري ۾ دلچسپي ظاهر ڪري رهيون آهن، اسان کي ان تي ڪو اعتراض ناهي ۽ خوشي آهي.