هفتو اڳ پي ٽي آءِ باني بابت آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن هڪ خط لکيو هو جيڪو آمريڪي صدر جو بائيڊن کي مليو هو.ان خط جي تصديق پڻ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر ڪئي هئي ته صدر کي ميمبرن جو خط مليو آهي،جنهن جو مناسب وقت تي ميمبرن کي جواب ڏنو ويندو.ميٿو ملر آمريڪي سيڪريٽري مددگار مونيڪا جيڪب سن جي انساني حقن جي وفاقي سيڪريٽري سان ملاقات جي سوال جي جواب ۾ اهو چيو هو ته ان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي جامع لاڳاپن ۾ انساني حقن، مضبوط جمهوري ادارن جي ڪردار تي زور ڏنو ويو هو.آمريڪي ترجمان اهو به چيو هو ته هو پاڪستان ۾ جمهوريت کي برقرار ڏسڻ چاهين ٿا، ان ۾ جمهوريت ۾ حصو وٺڻ ۽ انهن جي بنيادي آزادين کي استعمال ڪرڻ جو حق به شامل آهي.
آمريڪي ڪانگريس جي تقريبن سٺ ميمبرن اهڙو خط لکيو هو جنهن ۾ اهم نُڪتو عمران خان جي آزادي شامل آهي جنهن بعد پاڪستان اندر هڪ ڀونچال مچي ويو آهي ته عمران جي گرفتاري يا آزادي پاڪستان جو اندروني معاملو آهي ان بابت آمريڪي ڪانگريس جو عمل دخل درست نه آهي ان تي پاڪستان جون سياسي ڌريون توڙي موجوده سرڪار پريشان آهي ته آخر ڪار ان معاملي ۾ ڪانگريس اهڙو عمل ڇو ڪري رهي آهي عمران خان جي آزادي ته ٺهيو پر آمريڪي ڪانگريس پاڪستان اندر فيبروري ۾ ٿيل الڪيشن کي به ڌانڌلي زده يا مشڪوڪ پڻ چيو آهي ان تي چونڊجي آيل موجوده سرڪار پريشان پڻ آهي ته آخر ڇو آمريڪي ڪانگريس اهڙي قسم جو ڳالهيون ڪري رهي آهي جنهن سان پاڪستان جي ساک تي آڱريون کڄي سگهن ٿيو ۽ غير ملڪي پاليسيز تي بي اعتمادي ٿي سگهي ٿي.
آمريڪي ڪانگريس جو عمران بابت خط ملڪي معاملن ۾ مداخلت آهي، اسين انڌي حمايت تي حيران آهيون،چونڊن بابت راءِ درست ناهي اهڙي قسم جو موقف پاڪستاني سرڪار به رکي ٿي ڪجهھ ڏينهن اڳ پاڪستاني پارليامينٽيرينز آمريڪي ڪانگريس جي 60 ميمبرز جي جواب ۾ پاڪستاني پارليامينٽ جي 160 ميمبرز خط لکي ڇڏيو آهي جنهن ۾ اهو چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي ڪانگريس کي ٻڌائي ته فيبروري 2024ع جي عام چونڊن بابت سندن راءِ درست ناهي هاڻي انهن ميمبرن کي ڪير سمجهائي ته چونڊن جي مشڪوڪ هجڻ تي ڪيترن ئي ميڊيائي ادارن ان وقت ئي لکيو هو ته چونڊون درست ناهن ٿيون.
حڪومت جي ميمبرن اهو به چيو آهي ته پي ٽي آءِ جِي ڪوشش رهي آهي ته چونڊ عمل کي بدنام ڪري، پاڪستان ۾ چونڊن کي عالمي سطح تي آزاد ۽ شفاف مڃيو ويو هو، پارليامينٽ جي 160 ميمبرز پاران وزيراعظم کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني ڊجيٽل دهشتگردي وسيلي رياست کي ڌمڪائڻ لاءِ سوشل ميڊيا استعمال ڪئي، سندس ناڪاري مهم ۾ آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ترسيل ماڻهو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.هاڻي ڏسجي ته آمريڪي ڪانگريس جي سٺ ماڻهن جي خط جي اهميت آهي يا پاڪستاني هڪ سئو سٺ ميمبرن جي خط جي اهميت ٿيندي جن خط لکي ملڪي ساک کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،پر ڏٺو وڃي ته ان خط جو ٻيو ڪو سبب نه آهي.
آمريڪي ڪانگريس جي سٺ کان مٿي ميمبر صدر بائينڊن کي مجبورن ان وقت خط لکي عمران خان جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو آهي جڏھن ھڪ سروي موجب آمريڪي مسلمان خاص ڪري پاڪستاني ووٽر صدر بائييڊن کي ووٽ ڏيڻ بجاءِ ٻي صدارتي اميدوار ٽرمپ کي ووٽ ڏيڻ ٿا چاھين جن کي غصو آهي ته صدر بائيڊن عمران خان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرائي عمران خان کي گرفتار ۽ ملڪ ۾ نقلي اليڪشن ڪرائي ٺڳن کي ملڪ ۾ ٿافيو آهي ـ جنهن کانپوءِ ھڪ اميد ڪئي پي وڃي تـ آمريڪي مسلمان ووٽرن کان ووٽ وٺڻ لاءِ صدر بائيڊن جي چوڻ تي عمران خان کي آمريڪا جي اليڪشن کان اڳ ڪجهھ عرصي لاءِ آزاد ڪيو ويندو.
سرڪار ته عمران خان بابت اهو به موقف رکي ٿي ته پي ٽي آءِ باني ڪرپشن جي ثابت ٿيل الزامن ۾ قيد ڪاٽي رهيو آهي،ان بابت اهو به چيو پئي ويو ته آمريڪي ڪانگريس ميمبرز پاران ٻڌڻي هيٺ ڪيسز تي تبصرو عدالتي عمل متاثر ڪرڻ برابر آهي، آمريڪي ڪانگريس ميبمرز ڊونلڊ لو جي شاهدي کي به نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي
سرڪار اهو به چئي رهي آهي ته پي ٽي آءِ باني رياستي ادارن خلاف سياسي تشدد کي متعارف ڪرايو، 9 مئي 2023ع تي هنگاما ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي هئي جٿن کي پارليامينٽ، سرڪاري ٽي وي جي عمارت ۽ ريديو پاڪستان تي حملن لاءِ ڀڙڪايو ويو هو
عمران ڊجيٽل دهشتگردي سبب رياست کي ڌمڪائڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو سهارو ورتو. خط ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ناڪاري مهم ۾ ڪردار آمريڪا، برطانيا ۾ رهندڙ باغي عنصر ادا ڪري رهيا آهن، آمريڪا ۽ برطانيا جي رياستون پنهنجي شهرين خلاف غير معمولي قدم کڻڻ تي مجبور آهن.آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن جيڪو خط لکيو آهي اهو ان ڪري اهميت اختيار ڪري ويو آهي جو ان ۾ جيڪي به نڪتا کنيا ويا آهن انهن ۾ اسان جي سرڪار جي پت وائکي ٿي رهي آهي ڇو ته سموري دنيا جي ميڊيائي ادارن کي اها ڄاڻ آهي ته ملڪ ۾ ٿيل چونڊ عمل ايترو شفاف نه هو جنهن بعد جيڪا حڪومت ٺهي اها به بيساکين تي هلي رهي آهي هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته آمريڪي ڪانگريس جي خط ملڻ کان پوءِ آمريڪي صدر ڪهڙا قدم کڻي ٿو يا رڳو ڳالهيون ڪري آمريڪا اندر نئين ايندڙ صدر جو انتظار ڪيو پيو وڃي بحرحال هر صورت ۾ فائدو وري به پي ٽي آءِ ۽ عمران خان کي ئي رسندو.