هانگ ڪانگ سُپر سڪسز: پاڪستان سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

هانگ ڪانگ ( ويب ڊيسڪ) هانگ سُپر سڪسز ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان، ڏکڻ آفريڪا کي هارائي سيمي فائنل جي ٽڪيٽ ڪٽائي ورتي.
پاڪستان ڪوارٽر فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 17 رنسن تان شڪست ڏني.
پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 6 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 105 رنسون ٺاهيون، محمد اخلاق 16 بالن تي 53 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته حسين طلعت 11 بالن تي 27 رنسون ٺاهيون.
106 رنسن جي جواب ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم چئن وڪيٽن جي نقصان تي 88 رنسون ٺاهي سگهي، پاڪستان طرفان حسين طلعت ٻه شڪار ڪيا.
هانگ سُپر سڪسز جا ٻئي سيمي فائنل ۽ فائنل سڀاڻي کيڏيا ويندا.
واضح رهي ته پاڪستان گذريل ڏينهن پنهنجي پهرين ميچ ۾ گڏيل عرب رياستن کي شڪست ڏني، ٻي ميچ ۾ روايتي مخالف ڀارت کي مات ڏئي پاڪستان ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.