هانگ ڪانگ سُپر سڪسز: ڀارتي سورما ٽئي ميچون هارائي ٽورنامينٽ مان آئوٽ

هانگ ڪانگ(ويب ڊيسڪ ) هانگ ڪانگ سُپر سڪسز ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان هٿان شڪست کاڌل ڀارتي ٽيم لاڳيتو ٽي ميچون هارائي ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي.
هانگ ڪانگ ۾ جاري ٽورنامينٽ روبن اُٿاپا جي قيادت ۾شرڪت ڪندڙ ڀارتي ٽيم کي گذريل ڏينهن پاڪستان هٿان شرمناڪ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
اڄ ايونٽ ۾ ڀارتي ٽيم جي پهرين ميچ يو اي اي خلاف کيڏي، گڏيل عرب رياستن ڀارت کي کٽڻ لاءِ 130 رنسن جو هدف ڏنو جنهن جي جواب ۾ ڀارتي ٽيم 129 رنسون ٺاهي سگهي .
ٻي ميچ ۾ ڀارت، انگلينڊ سان مهاڏو اٽڪايو، جنهن ۾ انگلينڊ هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ ڀارت کي 15 رنسن تان شڪست ڏني.
مسلسل ٽن ميچن ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ ڀارتي ٽيم ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.