اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق اعليٰ عدليا ۾ ججن جي مقرري لاءِ پارلياماني جماعتن جي جڊيشل ڪميشن ۾ نامزدگي ڪري ڇڏي.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اعليٰ عدليا ۾ ججن جي مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي معاملي تي اسپيڪر سپريم جڊيشل ڪميشن کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ پارلياماني جماعتن جي نامزدگي کان آگاهه ڪيو ويو آهي.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب جڊيشل ڪميشن لاءِ قومي اسيمبلي مان اپوزيشن ليڊر عمر ايوب ۽ ن ليگ جي شيخ آفتاب کي نامزد ڪيو ويو آهي.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان ٻڌايو ويو آهي ته سينيٽ مان جڊيشل ڪميشن لاءِ فاروق ايڇ نائيڪ شبلي فراز کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عورت جي سيٽ تي روشن خورشيد بروچه کي نامزد ڪيو ويو آهي.
قومي اسيمبلي ترجمان موجب 26هين ترميم جي منظوري کانپوءِ جڊيشل ڪميشن ۾ 5 پارليامينٽ ميمبر شامل آهن ۽ سموريون نامزدگيون سيڪريٽري جڊيشل ڪميشن کي موڪليون ويون آهن، جڏهن ته سموريون نامزدگيون سپريم ڪورٽ کي وصول ٿي ويون آهن.
ترجمان ٻڌايو ته پارليامينٽ مان موڪليل نالن ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جي برابر جي نمائندگي آهي.
واضح رهي ته 26هين ترميم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي ٽن سينيئر ترين ججن مان جسٽس يحيٰ آفريدي کي چيف جسٽس مقرر ڪيو هو.
اعليٰ عدليا ۾ ججن جي مقرري، اسپيڪر پارلياماني جماعتن جي جڊيشل ڪميشن ۾ نامزدگي ڪري ڇڏي
You might also like