ميلبورن ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا خلاف پهرين ون ڊي لاءِ پاڪستان جي پليئنگ اليون ڪهڙي هوندي؟ ٽيم مئنيجمينٽ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي.
ذريعن موجب، قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان، هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي ۽ سليڪٽر اسد شفيق پهرين ميچ جي پليئنگ اليون لاءِ مشاورت ڪئي.
پيس بيٽري جي طاقت تي ڀاڙيندي پهرين ون ڊي ۾ حارث رئوف، شاهين آفريدي سان گڏ محمد حسينن کي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، فخر زمان جي غير موجودگيءَ ۾ عبدالله شفيق سان صائم ايوب اننگز جي شروعات ڪندو، بابر اعظم پنهنجي ون ڊائون پوزيشن سنڀاليندو، مڊل آرڊر جي مضبوطيءَ لاءِ ڪپتان محمد رضوان سان گڏ نائب ڪپتان سلمان علي آغا به اننگز کي سهارو ڏيندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آل رائونڊر عرفان خان نيازي ۽ عامر جمال مان ڪنهن هڪ کي پليئنگ اليون جو حصو بڻائي سگهجي ٿو.
پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات چار نومبر کان ٿيندي، ٽيم مئنيجمينٽ پليئنگ اليون جي مضبوطي لاءِ وڌيڪ مشاورت کانپوءِ حتمي ٽيم جو اعلان ڪندي.
سليڪٽر اسد شفيق پريڪٽس سيشنز دوران رانديگرن جي ڪارڪردگي جو ويجهڙائي جائزو وٺي رهيو آهي، مئنيجمينٽ آسٽريليا جي ڪنڊيشنز کي نظر ۾ رکندي مضبوط ٽيم ميدان ۾ لاهڻ جي خواهشمند آهي.
You might also like