ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) پاڪ-آسٽريليا ٽي ٽوئنٽي سيريز جي سلسلي ۾ قومي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جي ڇهن رانديگرن لاءِ ڪراچيءَ ۾ تربيتي ڪئمپ لڳائي وئي آهي.
رانديگرن نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پريڪٽس ڪئي، پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جا ڇهه ميمبر 6 نومبر تائين تان ٽريننگ ڪندا.
آسٽريليا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 14 کان 18 نومبر تائين کيڏي ويندي. ڪئمپ حصو وٺندڙ رانديگرن ۾ جهانداد خان، عباس آفريدي، عمير بن يوسف، صاحبزاده فرحان، سفيان مقيم ۽ عثمان خان شامل آهن.
You might also like