سڄي سنڌ ۾هندو برادري جي ڏياري ڏڻ يک مسلمانن گڏجي ملهائي نه رڳو هندو برادري سان ايڪتا جو مظاهرو ڪيو آهي پر سنڌ جي عظيم سڃاڻپ مذهبي رواداري کي برقرار رکڻ جي پڻ ڪوشش پئي ڪئي آهي جنهن کي اسان اتساهيندڙ سرگرميون سمجهون ٿا. اهڙو هڪ نماءُ ٽيون ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ به نظر آيو جتي سول سوسائٽي جي اڳواڻن، صحافين، سياسي ۽ سماجي ڌرين گڏجي ڏياري ملهائيندي ڏياري جو ڪيڪ ڪٽيو.ڪراچي پريس ڪلب جي ان تقريب ۾ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، مفتاح اسمائيل، ڪريم خواجه، ڊاڪٽر جئپال ڇاٻڙيا، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، مهيش ڪمار، امتياز فاران ۽ ٻين شرڪت ڪري مذهبي رواداري جي سوچ رکندڙ ماڻهن جي نمائندگي ڪئي.ان موقعي تي سياسي، سماجي ۽ صحافتي شخصيتن ڳالهائيندي چيو ته هندو ڀائرن سان لکين مسلمان ڀائر گڏجي هولي ۽ ڏياري ملهائي رهيا آهنب جنهن سان سنڌ ۾ مذهبي رواداري ۽ سهپ جو ماحول پختو ٿيندو.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ورهاڱي سبب سنڌ مان هندن جي لڏي وڃڻ کانپوءِ سنڌين کي هندو برادري سان هميشه کان همدردي رهي آهي. سنڌي هندو ۽ سنڌي مسلمان جيئن ته صدين کان گڏ رهيا، ڏک سک جا ساٿي ٿي رهيا، برادراڻو تعلق هين سو تعلق جڏهن ورهاڱي سبب ٽٽو ته اهو هڪ زخم بڻجي ويو جيڪو پوءِ هر دور ۾ ستائيندو رهيو آهي. ورهاڱيجي مجبوري ۽ ڪافي حد تائين جبري طور هندن کي لڏائڻ سان ۽ پنهنجي جنم ڀومي ڇڏڻ تي هندو صدين کان ڏکارا رهيا آهن. اهي به رڳو هتان روئندا رڙندا رت جا ڳوڙها وهائيندي ويا پر پوءِ سڄي ڄمار سنڌ کي ياد ڪندا ان کي دل ئي دل ۾ پڪاريندا رهيا. سنڌ کي هميشه لاءِ پنهنجي وطن ڀومي کي سڄي ڄمار لاءِ ڇڏڻ ڪو مذاق نه هو. انهي تاريخي وڇوڙي تي ڪيترائي ناول، ڪهاڻيون، ڊراما لکيا ويا توڙي فلمون ٺاهيون ويون آهن پر لڏ پلاڻ جو درد گهٽجي نه گهٽجي سگهيو. هاڻي جيتوڻيڪ ورهاڱي وقت ڀارت ويل هندو نسل مان گهڻا ماڻهو دنيا مان گذر ڪري چُڪا آهن پر سندن پيڙا نئين نسل ۾ منتقل ٿيل آهي ۽ نئين نسل جنهن سندن واتان مٺڙي سنڌ جا ٻول ٻڌا هيا تن کي به سنڌ ڏسڻ، پنهنجن وڏن جا گهر پسڻ جي تمنا پيدا ٿيڻ لڳي. ٽيهه چاليهه سال اڳ تائين ته انهن پوڙهن ۽ پوڙهين کي سنڌ جي ياترا جو موقعو ملندو هو جو تڏهن پاڪ – ڀارت جي عوام جي هڪٻئي جي ملڪن ڏانهن اچڻ وڃڻ تي ايتري پابندي نه هوندي هئي پر جڏهن کان ڀارت ۾ مودي جي رسرڪار آئي آهي ته هند ۽ سنڌ جي ميلاپ جا رستا مڪمل طور تي بند ٿي چڪا آهن. صرف هڪ رستو کليو رکيو ويو آهي جيڪو سنڌ امن هندن کي ستائي لڏائڻ تي مجبور ڪرڻ وارو آهي. سو اها به حقيقت آهي ته جيڪي هندو سنڌ جي محبت ۾ هتي رهن ٿا سي به سکيا ناهن. مذهبي انتها پسندي ۽ ڌاڙِيلن جي آزار ڪري اهي هتي به بي چين آهن ۽ نيٺ سنڌ کي ڇڏڻ تي مجبور ٿين ٿا. مطلب ته ورهاڱي کان وٺي لڏپلاڻ جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو هو سو اڄ تائين ختم ناهي ٿيو. انتها پسند مذهبي ڌرين جي اکين ۾ هندو برادري اڄ به ڪنڊو بڻيل آهي جنهن کي ڪڍڻ لاءِ جتن ڪيا پيا وڃن ۽ کين تنگ ڪيو پيو وڃي.
انهي تلخ ۽ دکدائڪ پسمنظر کي ڏسندي سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي مسلمانن کي ساڻن همدردي هوندي آهي. جڏهن کان هتي مذهبي انتهاپسندي وڌيڪ آهي ۽ هندو برادري کي مختلف طريقن سان تنگ ڪرڻ جو معاملو وڌيو آهي تڏهن کان سنڌ جي لبرل ۽ سيڪيولر ڌرين کي سنڌ جي روايتي مذهبي رواداري جي بقا جو احساس وڌڻ لڳو آهي ۽ انهن نه رڳو هندو برادري سان ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اٿاريو آهي پر پراڻو برادراڻو پير به کڻڻ شروع ڪيو آهي ۽ هندو برادري جي ڏکن سکن ۾ وري شامل ٿيڻ لڳا آهن. ان معاملي ۾ خاص ڪري سنڌ جو نئون نسل گهڻو ئي سرگرم نظر اچي رهيو آهي. انهن هندو برادري سان ايڪتا لاءِ پاڻ مذهبي انتهاپسندي جو ماحول گهٽائي سگهجي ۽ گڏو گڏ سن جي مذهبي رواداري واري فضا کي بحال ڪري سگهجي.
حڪومت کي مڇر مار مهم به هلائڻ گهرجي
اها ڪيڏي به حيرت جي ڳالهه آهي ته هن جديد دور ۾ به مڇر کي مارڻ ڪنهن چئنلج کان گهٽ ناهي. اڄ ڪلهه جي دور ۾ مڇر جي چڪ سبب بيماريون تيزي سان وڌي رهيون آهن. سو مڇر بيماريون وڌائي صحت کاتي کي چئنلج قبولڻ کان لاچار يا نااهل نظر اچي رهي آهي. حڪومت مڇرن جي آڏو لاجواب ۽ هٿ مٿي کنيل نظر پئي اچي.
اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪومت آخر مڇرن کي مارڻ جي ڪارڪردگي ڇو نه ٿي ڏيکاري جڏهن ته ماضي ۾ مڇرمار ڦوهارا ڏنا ويندا هيا پر هاڻي مڇرمار ڦوهارن کي ڏسڻ لاءِ اکيون سڪي رهيون آهن. اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته ماضي جي ڀيٽ ۾ هن جديد دور ۾ گندگي وڌي وئي آهي، روڊن رستن ۽ شاهرائن تي گٽرن ۽ برساتن جو بيٺل پاڻي مڇرن جي نرسري بڻجڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي. گند تي به مڇر ۽ مکيون لامارا ڏيندي نظر اچن ٿيون پر حڪومت صفائي سٿرائي ڏانهن اوڏي سنجيده نظر نه ٿي اچي جيڏو ماضي جون حڪومتون نظر اينديون هيون. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته هن جديد دور ۾ صفائي سٿرائي ۽ مڇرمارڻ جو انتظام وڌيڪ سگهارو هجي. جيئن ماضي ۾ روز صبح سان ڪراچي جا روڊ ڌوتا ويندا هيا تئين هاڻي به ٿيڻ گهرجي ۽ ائين روز مڇرمار ڦوهارا به لڳائڻ جو انتظام ڪرڻ گهرجي تڏهن وڃي حڪومت مڇرن سان ڪو مقابلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي سگهي ٿي ٻي صورت ۾ اها مڇرن سان مقابلو به ٿي ڪري سگهي.
سو صحت کاتي کي گهرجي ته اها مڇر مار مهم کي صحت جي پاليسي جو وڏو حصو بڻائي نه ته ان کي مڇرن سبب وڌندڙ بيمارين لاءِ اسپتالون گهڻي کان گهڻيون ٺاهڻيون پونديون ڇاڪاڻ ته بيماريون اونئن ئي وڌي ويون آهن ۽ مڇرن جي چڪ سان پڻ بيمارين ۾ ريڪارڊ اضافو ٿيو آهي تنهن ڪري حڪومت کي هاڻي مڇرن کي مارڻ جو اصولي فيصلو ڪرڻو پوندو ۽ مڇرمار مهم هلائيندي روز مڇرمار ڦوهار هڻڻ جو انتظام ڪرڻو پوندو.