تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بوئنگ 737 جهاز روڊ ذريعي ڪراچي کان حيدرآباد منتقل

ڪراچي (م ڊ) ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مسافر جهاز کي روڊ ذريعي هڪ شهر کان ٻئي شهر منتقل ڪيو ويو. بوئنگ 737 جهاز  کي جرمن ڪمپني جي هڪ ٽرالر تي لوڊ ڪري موٽروي ايم نائن رستي ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، ان دوران حيدرآباد ويندڙ روڊ تي ٽريفڪ متاثر ٿي. جهاز جي منتقلي دوران سول ايويئيشن جي سيڪيورٽي، پوليس به اسڪواڊ جو حصو رهي. جهاز کي حيدرآباد ۾ سول ايويئيشن ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ رکيو ويندو ۽ جهاز تربيتي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندو. جهاز جي ڊيگهه 110 فٽ ۽ وزن 40 ٽن آهي. ناڪارا جهاز 240 ماڻهن جي سفر جي گنجائش آهي. سول ايويئيشن عملدارن موجب فائر فائٽرز جهاز ۾ مان مسافرن کي هنگامي طور ڪڍڻ جي تربيت وٺندا، جهاز مان ٽائر، پر ۽ انجڻ کي ڌار ڪيو ويو جيڪي ٻئي ڀيري ۾ حيدرآباد نيا ويندا ۽ انسٽيٽيوٽ ۾ کين ڳنڍيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.