ملير (ڊ ر) گلشن حديد ويجهو نيشنل هاءِ وي تي 45 ورهين جي امير علي سومري حالتن کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو. لاڙڪاڻي جي رهواسي تيز رفتار ٽرالر آڏو اچي حياتي جو انت آندو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪارروائي بعد لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب فوتي سچل ڳوٺ واري علائقي ۾ رهندڙ هو، سندس کيسي مان خط هٿ آيو آهي جنهن ۾ هن آپگهات جا سبب لکيا. خط ۾ لکيل آهي ته ”سنڌ جون حالتون ڏسي مايوسي ٿي آهي سنڌ دوزخ بڻجي وئي آهي، هر طرف لالچ، دوکو، فريب آهي دوستي ۽ سڀني رشتن ۾ منافقي آهي، دل بيزار ٿي چڪي آهي، اهڙي ماحول ۾ وڌيڪ خوار نٿو ٿيڻ چاهيان“.