واٽس ايپ طرفان آئي ڏينهن نت نوان فيچر متعارف ڪرايا ويندا آهن ته جيئن واهپيدارن کي ٻين سروسز ڏانهن وجهائڻو نه پوي.
ان ئي مقصد تحت پيغام رسائيندڙ ايپ طرفان هلندڙ سال اپريل ۾ چيٽ فلٽرز وارو فيچر متعارف ڪرايو وپيو هو.
ان فيچر تحت واٽس ايپ واهپيدارن کي آل، اَن ريڊ، فيورٽس ۽ گروپس جي نالي سان چار چيٽ فلٽرز دستياب آهن.
ميٽا جي مليڪت ميسجنگ ايپ طرفان ان فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، چيٽ فلٽرز لاءِ بيج ڪائونٽ فيچر تي ڪم جاري آهي.
نئين فيچر جو اشارو اينڊرائيڊ ڊيوائسز لاءِ واٽس ايپ جي نئين بيٽا ورزن ۾ مليو آهي.
نئين فيچر ذريعي واهپيدارن کي اِهو ڄاڻڻ ۾ مدد ملندي ته هر چيٽ فلٽر ۾ ڪيترا پيغام موجود آهن جيڪي هو هينئر تائين پڙهي ناهن سگهيا.
واضح رهي ته واٽس ايپ طرفان ڪاسٽيوم چيٽ فلٽرز واري فيچر تي به ڪم جاري آهي، جيڪو مستقبل ۾ ڪنهن به وقت واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائي سگهجي ٿو.
ڪاسٽيوم چيٽ فلٽرز فيچر ۾ واهپيدارن کي پنهنجي مرضيءَ موجب نوان چيٽ فلٽرز تيار ڪرڻ جي سهولت ڏني ويندي.
ڪاسٽيوم چيٽ فلٽرز سان گڏ نئون بيچ ڪائونٽ فيچر واهپيدارن لاءِ وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندو ڇو ته کين مختلف فلٽرز ۾ موجود ان ريڊ پيغامن جي انگ جو هڪ نظر ۾ پتو پئجي ويندو.
مثال طور اوهان گهروارن يا آفيسن جي ساٿين لاءِ چيٽ فلٽر تيار ڪيو آهي ته ان تي سراسري نظر وجهڻ سان پتو پئجي ويندو ته انهن طرفان موڪليل ڪيترا پيغام اوهان پڙهي نه سگهيا آهيو.
جيئن مٿي لکي چڪا آهيون ته في الحال فيچر جو اشارو بيٽا ورزن ۾ مليو آهي تنهنڪري اهو چوڻ مشڪل آهي ته اِهو ڪيستائين واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائي سگهجي ٿو.
You might also like