اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيئر قانوندان بابر اعواڻ چيو آهي ته نواز شريف ۽ قاضي فائز عيسيٰ جو هڪ ئي رات ٻاهر وڃڻ لنڊن پلان کي ثابت ڪري ٿو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو مان اهو ٻڌي حيران آهيان ته حڪومت لنڊن ۾ احتجاج خلاف پاڪستان ۾ ڪيس داخل ڪندي.
هن چيو ته نواز شريف ۽ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو هڪ ئي رات ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لنڊن پلان کي ثابت ڪري ٿو، پاڪستان جو عوام انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو، اهي موٽي آيا ته به لِڪندا ئي رهندا.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هارايل لشڪر کي اقتدار ڏنو ويو آهي.
Next Post
You might also like