ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار ارجن ڪپور سان بريڪ اَپ کانپوءِ ملائيڪا اروڙا جي پوسٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
ارجن ڪپور ۽ ملائيڪا اروڙا هڪٻئي کان پنهنجا رستا ڌار ڪري چڪا آهن، جنهن جي اداڪار ارجن ڪپور پاڻ تصديق ڪئي آهي.
بريڪ اَپ کانپوءِ ملائيڪا اروڙا جي ٻٽي معني واري پوسٽ سامهون آئي، جيڪا سندس مداح ارجن ڪپور سان بريڪ اَپ واري خبرن سان جوڙي رهيا آهن.
اداڪارا پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ” هڪ لمحي لاءِ دل کي ڇُهڻ سڄي زندگي لاءِ روح کي ڇُهي سگهي ٿو.“
واضح رهي ته ملائيڪا اروڙا ۽ ارجن ڪپور 2018ع هڪٻئي جي ويجهو آيا، جوڙي جي لاڳاپن جو خبرون منظرِ عام تي اچڻ کانپوءِ سندن شادي بابت افواهه پڻ گردش ڪرڻ لڳا هئا.
You might also like