پيٽرول اڄ رات ڪيترو سستو ٿيندو؟ اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ اڄ رات کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر تائين لاٿ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ڊيزل 3 رپيا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي نون اگهن جو حتمي اعلان اڄ رات ڪيو ويندو، ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان مشاورت کانپوءِ نون اگهن جو اعلان ڪندي.
واضح رهي ته گذريل 15 ڏينهن دوران عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ لاٿ جو رجحان رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.