ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪندڙ پراڻين لائنن جي تبديلي جي شروعات ڪئي وئي.
48 سالن کانپوءِ ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪندڙ لائنن جي تبديلي جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو.
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج امپروومينٽ پراجيڪٽ تحت هڪ سال جي عرصي ۾ منصوبو مڪمل ٿيڻو آهي، منصوبي تي سال جي شروعات کان ئي ڪم شروع ڪيو ويو هو.
هن چيو ته ڪينجهر کان ڌاٻيجي ۽ پوءِ سڄي شهر کي پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي، 2.3 ارب رپين جي لاڳت سان نئين لائن وڌي پئي وڃي، هر هر بريڪ ڊائون سبب جيڪي مسئلا پيش ايندا هئا، اهي حل ٿي ويندا.
سندس چوڻ هو ته پ پ عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري رهي آهي.
You might also like