ڪراچي(پ ر) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا ڪراچي ۾ امن ۽ عدم تشدد بابت ٽئين عالمي مارچ جي پنج ملڪي وفد سان هڪ مڪالماتي ويهڪ جو انعقاد ٿيو، وفد ۾ اسپين، برطانيا، آسٽريليا، اٽلي ۽ نيپال جا نمائندا شامل هئا.
ڪرمنالوجي شعبي جي صدر ڊاڪٽر سيد خرم مهدي آجياڻي واري خطاب ۾ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا ڪراچي سان واڳيل استاد ۽ شاگرد رواداري، انصاف ۽ پرامن بقائي باهمي ڪلچر جي سر بلندي لاءِ پرعزم آهن.
هن چيو ته ذيبول امن ۽ عدم تشدد جي قومي نظريي کي هٿي ڏيڻ ۾ رڌل آهي ته جيئن اجتمائي طور تي عدم تشدد سوچ جي حوصلا افزائي ڪري سگهجي.
اسپين سان واسطو رکندڙ نوبل امن ڪميٽي جي رڪن رافيل ڊي لا روبيا وفد جي صدارت ڪندي چيو ته سڄي دنيا جي يونيورسٽيز ۽ هيٺين سطح تي هلندڙ تحريڪون امن ۽ عدم تشدد لاءِ سندن تحريڪ ۾ شامل ٿيون آهن، جنهنڪري امن مارچ جي رفتار ۾ وڌارو ٿيو آهي.
هن مشورو ڏنو ته جيڪڏهن شاگرد تشدد جي حمايت ڪرڻ بدران پنهنجي علم کي انسانيت جي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ جو عزم ورجائيندا ته دنيا ۾ هڪ ” بنيادي فرق“ نظر ايندو.
انگلينڊ مان آيل انتونيو ڪاروالو امن کي ذاتي ڪوشش قرار ڏنو.
وفد جي ٻين ميمبرن ۾ آسٽريليا مان ڊيڪلر هيگ، اٽليءَ مان فيڊريڪا ڊي لوڪا ۽ نيپال مان تلسي مايا سگڊيلس شامل هئا.
وفد امن مارچ جي مختلف پهلوئن سميت دنيا ۾ تڪرار، جارحيت ۽ پرتشدد واقعن کي ختم ڪرڻ ۽ امن جي بحالي لاءِ پنهنجي عالمي ڪوششن تي روشني وڌي.
سول سوسائيٽي اڳواڻ ڪرشن شرما اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جي فلسطين ۽ ڪشمير ۾ امن جي حمايت سان گڏ امن ۽ عدم تشدد جي عالمي قدمن جا هاڪاري نتيجا نڪرندا.
سماجي علم پروفيسر ڊاڪٽر ڪرامت الله حسيني چيو ته اسان کي اهڙي دنيا لاءِ هڪٻئي جي ڪوششن جي حمايت ڪرڻ جا طريقا تلاش ڪرڻا پوندا جيڪي همدردي، مڪالمي ۽ هم آهنگي جي اهميت ڏين ٿا.
ذيبول جي وائس چانسلر پروفيسر مجيب الدين صحرائي ميمڻ وفد جو شڪريو ادا ڪندي سندن ڪاوشن کي ساراهيو.
هن چيو ته اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ رهون ٿا جتي امن کي اڪثر چئلينج ڪيو ويندو آهي، پر امن مارچ جهڙا قدم اسان کي گڏيل احترام، سهڪار ۽ عدم تشدد لاءِ مسلسل جدوجهد جي ترغيب ڏين ٿا.
ڪراچي: ذيبول ۾ امن ۽ عدم تشدد بابت ٽئين عالمي مارچ جي حوالي سان مڪالماتي ويهڪ ڪوٺائي وئي
You might also like