آمريڪي ڪانگريس ميمبرن جو عمران خان لاءِ خط پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت قرار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي ڪانگريس جي 62 ميمبرن طرفان صدر جو بائيڊن کي عمران خان جي آزادي لاءِ لکيل خط جي جواب ۾ پاڪستاني پارليامينٽ جي 160 ميمبرن وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي ڇڏيو.
پاڪستاني پارليامينٽ ميمبرن طرفان آمريڪي ڪانفريس جي 62 ميمبرن جي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت تي خط لکيو ويو، خط لکندڙن ۾ طارق فضل چوڌري، نويد قمر، مصطفيٰ ڪمال، آسيه ناز تنولي، خالد مگسي ۽ ٻيا شامل آهن.
پارليامينٽ ميمبرن خط ۾ لکيو ته اسيمبلي ميمبر طور هو سمجهن ٿا ته وزيراعظم جي ذريعي ڪانگريس ميمبرن کي آگاهه ڪريون، پاڪستان جهموري چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن کي انتهاپسنديءَ جي سياست وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي.
خط ۾ لکيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني رياستي ادارن خلاف سياسي تشدد جو استعمال سميت مجرماڻيون ڌمڪيون متعارف ڪرايون، عمران خان نوَ مئي 2023ع تي وڏي پئماني تي وڳوڙ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي، هن هجوم کي پارليامينٽ، سرڪاري ٽيليويزن جي عمارت ۽ رڊيو پاڪستان تي حملي لاءِ ورغلايو.
پارليامينٽ ميمبرن ۾ خط ۾ چيو ته پي ٽي آءِ باني جي وڳوڙي سياست سبب آگسٽ 2014ع ۽ مئي 2023 ۾ ملڪ کي مفلوج ڪيو ، پي ٽي آءِ باني جيل مان اسلام آباد، لاهور ۾ وڳوڙ، تشدد کي هوا ڏيڻ لاءِ ڪارڪنن کي ورغلائي رهيو آهي.
وزيراعظم کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني ڊجيٽل دهشتگردي ذريعي سوشل ميڊيا کي ڏڦيڙ ۽ بدامني کي هوا ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو، عمران ڊجيٽل دهشتگردي سبب رياست کي ڌمڪائڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو سهارو ورتو.
خط ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ناڪاري مهم ۾ ڪردار آمريڪا، برطانيا ۾ رهندڙ باغي عنصر ادا ڪري رهيا آهن، آمريڪا ۽ برطانيا جي رياستون پنهنجي شهرين خلاف غير معمولي قدم کڻڻ تي مجبور آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.