چيني سفير جو بيان حيران ڪندڙ، پاڪ-چين سفارتي روايتن جي ابتڙ آهي: پاڪستان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته چين جي پاڪستان ۾ مقرر سفير جو بيان حيران ڪندڙ آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي سفارتي روايتن جي عڪاسي نٿو ڪري.
هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته چيني شهرين سان ڪجهه بدقسمت واقعا پيش آيا، پاڪستان چيني حڪومت ۽ سفارتخاني جي ڳڻتي بابت آگاهه آهي، پاڪستان چين کي واقعن جي جاچ بابت آگاهه ڪيو.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم ڪانفرنس دوران وزيراعظم چيني هم منصب کي به چيني شهرين جي تحفظ جي خاطري ڪرائي، چيني سفير جو اِهو بيان حيران ڪندڙ آهي، سندن بيان پاڪ-چين روايتن جي عڪاسي نٿو ڪري.
واضح رهي ته اسلام آباد ۾ چيني سفير گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته اسان پاڪستان ۾ جا ماڻهو مارجي رهيا آهن، جيستائين چيني شهرين کي تحفظ نٿو ملي سي پيڪ نٿو ٺهي سگهي.
سندس چوڻ هوته ٻن مهينن ۾ اسان جي ڪارڪنن تي حملا قابل قبول ناهن، دهشت گردي ختم ٿيڻ تائين سي پيڪ فيز ٽو شروع نٿو ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.