ميلبورن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم پي سي بي ۾ نوڪري جي آڇ نه قبولڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو.
اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم ميلبورن ۾ آن لائين پريس ڪانفرنس ڪندي چيوته چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارتي ٽيم جي پاڪستان جي دوري بابت سٺا اشارا ملي رهيا آهن.
هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڀارتي بورڊ کي مختلف آفرز ڪيون آهن، ڀارت کي پاڪستان اچڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته ويرات ڪوهلي، هاردِڪ پانڊيا ۽ سوريا ڪمار يادو جي پاڪستان ۾ تمام گهڻي فين فالوونگ آهي، مداح ڀارتي رانديگرن جي اوسيئڙي ۾ آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام ۾ رابطا بحال ٿيڻ گهرجن، ڀارت کي ان معاملي تي سوچڻ گهرجي.
وسيم اڪرم چيو ته مان ڇهن، ستن ورهين کان ڀارت نه ويو آهيان ۽ اتان جا کاڌا ۽ ماڻهو ياد اچن ٿا، ڀارتي رانديگر پاڪستان اچن، کين مزو ايندو.
اڳوڻي فاسٽ بالر چيو ته آسٽريليا ۾ ڪنڊيشنز ڏکيون هونديون آهن، پاڪستان لاءِ هتي سيريز سولي نه هوندي، هڪ ون ڊي به کٽي ويا ته وڏي ڪاميابي هوندي، ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ مقابلو ٿيندو.
وسيم اڪرم چيو ته فخر زمان امپيڪٽ پليئر آهي، يقين آهي ته سوشل ميڊيا بيان فخر زمان ناهي لکيو، جنهن به لکيو آهي کيس سامهون اچڻ گهرجي.
هن چيو ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ سبب اوهان کي مسئلو ٿي سگهي ٿو، مان سمجهان ٿو ته اِهو فخر زمان لاءِ هڪ سبق آهي، سوچي سمجهي سوشل ميڊيا تي لکڻ گهرجي، پي سي بي جو ان معاملي تي اَپ سيٽ ٿيڻ ٺهي ٿو.
اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته محسن نقوي ڪرڪيٽ لاءِ سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، هو ڪرڪيٽ بورڊ کي پروفيشنل انداز ۾ هلائي سگهي ٿو، مون کي نوڪري جي آڇ ٿي هئي پر مان 9 کان 5 تائين ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو ناهيان.
هڪ سوال جي جواب ۾ وسيم اڪرم چيو ته محمد رضوان کي ڪپتاني جو تجربو آهي، هو سٺي چوائس آهي، بس هو رڳو راند تي ڌيان ڏئي.
وسيم اڪرم چيو ته خوشي آهي ته 2026ع واري ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي تياري لاءِ نوجوان رانديگرن کي موقعو ڏنو ويو.
هن چيو ته شاهين آفريدي، نسيم شاهه سميت ٻيا رانديگر راند تي ڌيان ڏيڻ ۽ سوشل ميڊيا جو استعمال گهٽائڻ گهرجي، ڪرڪيٽ کيڏي گهر وڃون ۽ انجواءِ ڪريو، بابر اعظم کي به ڪپتاني وسارڻ گهرجي، هو ڪرڪيٽ کيڏي ۽ رنسون ٺاهي.
You might also like