ڪارساز روڊ حادثو: عدالت نتاشا کي بري ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي مقامي عدالت ڪارساز روڊ حادثي ڪيس جي جوابدار نتاشا کي بري ڪري ڇڏيو.
ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر ڪارساز روڊ حادثي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت حادثي ۾ فوتين جي وارٽن طرفان صلح نامي کانپوءِ جوابدار نتاشا ڪري ڇڏيو.
يادرهي ته هلندڙ سال آگسٽ ۾ ڪارساز وٽ تيز رفتار گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار پيءُ ۽ ڌيءُ فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته چار ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، واقعي کانپوءِ پوليس گاڏي هلائيندڙ عورت کي گرفتار ڪري ورتو هو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.