سلمان خان کي قتل جي ڌمڪي ڏئي ٻه ڪروڙ ڀنگ گهرندڙ جوابدار سوگهو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کي ٻه ڪروڙ ڀنگ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ويجهڙائي ۾سلمان خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر قتل جون ڌمڪيون مليون هيون ۽ ڌمڪيون ڏيندڙ اڻڄاتل جوابدارن سپر اسٽار کان ٻه ڪروڙ ڀنگ جو مطالبو ڪيو هو.
رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار طرفان ممبئي ٽريفڪ پوليس کي موڪليل واٽس ايپ پيغامن ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن ڀنگ جي رقم ادا نه ڪئي وئي ته سلمان خان کي قتل ڪيو ويندو.
ممبئي پوليس اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب، گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ اعظم محمد مصطفيٰ طور ٿي آهي جنهن جو تعلق باندرا سان ٻڌايو پيو وڃي.
ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ به سلمان خان کي قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙ هڪ نوجوان کي ڀارتي رياست اتر پردي جي شهر نوائيڊه مان گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن مرحوم سياستدان بابا صديقي جي پٽ ذيشان صديقيءَ کي به ڌمڪيون ڏنيون هيون.
هلندڙ مهيني سلمان خان جي ويجهي دوست ۽ مهارشٽرا جي اڳوڻي وزير بابا صديقي کي به قتل ڪيو ويو جنهن جي ذميواري بشنوئي گينگ قبول ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.