عدالتي حڪم تي آفيسرن کي نوٽيس ڏيڻ تي حازم ڀنگوار کي هٽايو ويو

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر حازم ڀنگوار کي عهدي تان هٽايو ويو. پنهنجي منفرد انداز سبب مشهور اسسٽنٽ ڪمشنر حازم بنگوار کي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.  اڳوڻي اسسٽنٽ ڪمشنر ناظم آباد حازم ڀنگوار کي هٽائڻ جو سبب سامهون اچي ويو آهي.  ذريعن موجب حازم ڀنگوار سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ڪمشنر جي حڪم تي سرڪاري رهائشگاهه خالي ڪرڻ لاءِ 3 سرڪاري آفيسرن کي خط لکي ڇڏيو هو. ذريعن موجب حازم ڀنگوار ڪمشنر ڪراچي ڪمپائونڊ ۾ رهندڙ ڊپٽي سيڪريٽريز زاهد جميڪا ۽ فاطمه احمد کي عدالتي حڪم تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، اهي آفيسر ڪمشنر آفيس جو حصو نه آهن ۽ رهائش ڪمشنر آفيس جي آفيسرن لاءِ مخصوص آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.