پ پ سنڌو درياهه کي وڪري جو وکر بڻائي ڇڏيو آهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي ڊپٽي  جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو ۽ ايڊووڪيٽ خالد تنيو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌي عوام سان ڊراما ڪرڻ بند ڪري. هڪ طرف صدر زرداري گرين پاڪستان منصوبن لاءِ نوان ڪينال ڪڍي پيو ته ٻئي طرف مراد علي شاهه ڪينالن خلاف ڪوڙا بيان ڏئي سنڌي عوام کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي. پيپلز پارٽي جي مڪر کي سنڌي عوام چڱي طرح سڃاڻي ٿو. پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌو درياهه کي وڪري جو وکر بڻائي ڇڏيو آهي. صدر زرداري صدارتي محل ۾ ويهي نوان ڪينال ٺاهڻ جي سازش ڪئي آهي. صدارتي هائوس سنڌ خلاف سازشن جو ڳڙهه بڻيل آهي. نوان ڪينال ٺاهڻ جي سازش ڪندڙ صدر زرداري خلاف سنڌ اسيمبليءَ مان قراداد پاس ڪئي وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پنجاب جا حڪمران گذريل ڏيڍ صديءَ کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن، پنجاب جو حڪمران طبقو پاڻيءَ متعلق ملڪي توڙي عالمي ۽ اسلامي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.