سنڌ ۾ ڪڻڪ نه پوکڻ جو اعلان، ڪمند اگهه 5 سئو رپيا في مڻ ڪيو: آبادگار

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي آبادگارن، گذريل سال ڪڻڪ جو مقرر ڪيل سرڪاري اگهه 4 هزار رپيا مڻ نه ملڻ ڪري هن سال ڪڻڪ جي پوکي نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي  ته ڪمند جو اگهه 5 سئو رپيا في مڻ مقرر ڪري بنا دير شگر ملون چالو ڪرايون وڃن. ان سلسلي ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير احمد ٽالپر عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل سال سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو اگهه 4 هزار روپيا في مڻ مقرر ڪيو هو، پر آبادگارن کي اهو اگهه نه ملي سگهيو، حڪومت ڪڻڪ جي خريداري نه ڪئي، خريداري مرڪز نه کليا، آبادگارن کي بارداڻو به نه مليو، جنهن ڪري آبادگارن مجبور ٿي 24 سئو رپيا في مڻ جي حساب سان ڪڻڪ واپارين جي حوالي ڪري ڇڏي، حڪومت جي ان غير سنجيدا رويي جي ڪري آبادگارن کي ڪڻڪ جي فصل ۾ ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو، ان ڪري هن سال آبادگار صرف پنهنجي کائڻ جي لاءِ ڪڻڪ جي پوکي ڪندا، ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ جي لاءِ پوکي نه ڪئي ويندي. گذريل سال ڪڻڪ جو بمپر فصل لٿو هو، پر حڪومت آبادگارن کي جائز حق ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهي، جيڪڏهن آبادگار ڪڻڪ جي پوکي نه ڪندا ته پوءِ حڪومت کي اربين رپين جي ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻي پوندي،  هن چيو ته 1950ع جي شگر ڪين ايڪٽ موجب هر صورت ۾ پهرين آڪٽوبر تائين ڪمند جو اگهه مقرر ڪري شگر ملون چالو ڪرڻيون آهن، پر حڪومت شگر ڪين ايڪٽ تي عمل ناهي ڪندي، هر سال ڪمند جو اگهه وقت سر مقرر نه ٿيندو آهي ۽ نه ئي شگر ملون وقت تي چالو ٿينديون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪمند جو وزن گهٽجي ويندو آهي ۽ آبادگارن کي وڏو مالي نقصان ٿيندو آهي. هن چيو ته شگر ملون چالو نه ٿيڻ ۽ ڪمند جو اگهه مقرر نه ٿيڻ خلاف اسان هاءِ ڪورٽ ۾ ويا آهيون، عدالت 4 نومبر تي ٻيهر ٻڌڻي مقرر ڪئي آهي. اسان جو مطالبو آهي ته ڪمند جو اگهه گهٽ ۾ گهٽ 5 سئو رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي. سنڌ آبادگار بورڊ جي سينيئر نائب صدر محمود نواز شاهه چيو ته هن وقت تائين سنڌ حڪومت کي ڪمند جو اگهه مقرر ڪري ڪريشنگ سيزن جو اعلان ڪرڻ گهرجي ها، پر اڃا تائين اعلان نه ٿيو آهي. آبادگار 5 سئو رپيا في مڻ ڪمند جو اگهه گهري رهيا آهن، هڪ گڏجاڻي ۾ حڪومت 475 رپيا في مڻ ڪمند جو اگهه ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، اسان به پنهنجي تنظيم جي گڏجاڻي ڪمند جي اگهه جو ڪاٿو 498 رپيا مڻ لڳايو هو، هاڻ حڪومت ڏسون ته ڪهڙو اگهه ٿي مقرر ڪري، اسان جي گُهر هئي ته حڪومت ڪمند جو اگهه بنا دير مقرر ڪري ڪريشنگ سيزن جو اعلان ڪري. هن چيو ته گذريل سال سرڪاري سطح تي ڪڻڪ جي خريداري جي صورتحال پنجاب ۾ سنڌ کان وڌيڪ خراب هئي، سنڌ ۾ وري به 8 کان 9 لک ٽن ڪڻڪ جي خريداري ٿي هئي، گذريل سال سنڌ ۾ 30 ملين ٽن ڪڻڪ جي پيداوار ٿي هئي، اسان جي پنهنجي گهرج ئي 31 ملين ٽن آهي،ايوان زراعت سنڌ جي اڳواڻ مير عبدالڪريم ٽالپر چيو ته گذريل سال ڪڻڪ جو اگهه نه ملڻ ڪري آبادگار کي وڏو مالي نقصان پهتو هو، حڪومت 4 هزار رپيا في مڻ ڪڻڪ جو اگهه مقرر ڪيو، پر ان تي هڪ ڏينهن به عمل نه ٿيو، سرڪاري سطح تي آبادگارن کان ڪڻڪ خريد نه ڪئي وئي ۽ ئي بارداڻو مليو، گذيل سال سنڌ ۾ بمپر ڪڻڪ جو فصل لٿو هو، پر اها ڪڻڪ 24 سئو کان 26 سئو رپيا في مڻ واپارين جي حوالي ٿي وئي. هن چيو ته ڪمند جي فصل جي به هن وقت ساڳي صورتحال آهي، اڃا تائين ڪمند جو اگهه مقرر نه ٿيو آهي ۽ نه ئي شگر ملون چالو ٿيڻ جو ڪو امڪان نظر اچي ٿو. اصولن پهرين آڪٽوبر تائين شگر ملون چالو ڪري ڪمند جو اگهه مقرر ڪيو وڃي ته جئين زمينون خالي ٿين ، اڳ ۾ سنڌ اندر آڪٽوبر جي شروعات ۾ ئي ڪڻڪ جي پوکي شروع ٿي ويندي هئي، پر هاڻ ڪڻڪ جي پوکي نومبر جي آخري ڏينهن تائين هلي وئي آهي، آڪٽوبر جي مهيني جا آخري 2 ڏنهن بچيا آهن پر گرمي جي شدت برقرار آهي، ان ڪري هن وقت تائين ڪڻڪ جي پوکي جي تياري به ناهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.