پشپا ٽو جي رليز جو اعلان، فلمي پنڊتن جون ڇرڪائيندڙ اڳڪٿيون

حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) ايڪشن ۽ ڊرامي سان ڀرپور بلاڪ بسٽر ڏکڻ ڀارتي فلم پشپا جي سيڪيوئل جي رليز جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ فلمي تجزيي نگار پراميد آهن ته “پشپا ٽو: دي رول“ باڪس آفيس تي ڪاميابين جا نوان رڪارڊ ٺاهيندي.
” پشماٽو: دي رول“ جي رليز پروڊڪشن شيڊيول سبب ڪيئي ڀيرا رولڙي جو شڪار رهي، ان کان اڳ ڇهه ڊسمبر 2024ع تي رليز ٿيڻي هئي پر هاڻي فلم کي هڪ ڏينهن پنج ڊسمبر تي رليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، حيدرآباد دکن ۾ هڪ تقريب دوران پشپا جي پروڊڪشن ٽيم فلم جي ٻئي حصي جي رليز جو اعلان ڪيو، فلم تيلگو، تمل، ملايالم، هندي ۽ بنگالي سميت ڇهن ٻولين ۾ رليز ڪئي ويندي.
فلمي پنڊنتن جو خيال آهي ته فلم هزار ڪروڙ کان وڌيڪ جو ڪاروبار ڪري سگهي ٿي ۽ اِها هڪ بلاڪ بسٽر فلم ثابت ٿيندي.
سو ڪمار جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ پشپا ٽو: دي رول ۾ الو ارجن سان گڏ رشميڪا مندنا مک ڪردار ۾ نظر ايندي.
فلم جو پهريون حصو ” پشپا: دي رائز“ 2021ع ۾ رليز ٿيو هو، ان ۾ به الو ارجن ۽ رشميڪا مندنا مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو.
پرڏيهي ميڊيا ڪمپني ” سيڪ نلڪ“ جي انگن اکرن موجب، پشپا: دي رائز ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ اٽڪل ساڍن ٽن ڪروڙ رپين جي ڪمائي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.