اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ سروس ايريا ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيندڙ ڪيترن ئي ماڻهن کي چور، منشيات جو عادي ۽ ذهني مريض قرار ڏئي ڇڏيو.
ڪي اليڪٽرڪ سروس ايريا ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 33 شهرين جي فوتگي جي سببن بابت تفصيل نيپرا کي جمع ڪرائي ڇڏيا.
ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي جواب ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيندڙ ڪيترن شهرين کي چور، منشيات فروشن ۽ ذهني مريض قرار ڏنو، جڏهن ته بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيندڙ اڪثر شهرين کي اڻڄاتل قرار ڏنو.
پنهنجي جواب ۾ ڪي اليڪٽرڪ چيو ته دلدار ذهني مريض هو 11 ڪي وي جي پول تي چڙهڻ سبب فوت ٿي ويو، ڪراچي جي ويسٽ هارف ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل شهري منشيات جو عادی هو، جڏهن ته هڪ شهري سب اسٽيشن مان بجلي چوري ڪرڻ جي ڪوشش دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.
ڪي اليڪٽرڪ موجب ملير، سپر هاءِ وي، سائيٽ ايريا، گلشن معمار، بن قاسم، گلستان جوهر، ليبر اسڪوائر، لانڍي ۽ ڪورنگي سميت ٻين علائقن ۾ نشي جا عادي ماڻهو بجلي چوري، ڪيبل چوري ۽ ٻيو سامان چوري ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيا.
جواب ۾ ڪي اليڪٽرڪ وڌيڪ ٻڌايو ته ڪورنگي واري علائقي ۾ سب اسٽيشن تان لاش هٿ ڪيو ويو، مائي ڪولاچي وٽ گشت دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل شخص جو لاش مليو، جڏهن ته هڪ ٻيو لاش به نالي مان مليو.
نيپرا موجب ڪي اليڪٽرڪ جي انتظام هيٺ علائقن ۾ 2022-2023 دوران 33 شهري فوت ٿيا، جڏهن ته نيپرا گذريل مهيني جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس تي ڪي اليڪٽڪ جو جواب رد ڪندي هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو هو.
اختيارين موجب نيپرا ڪي اليڪٽرڪ کي 33 متاثر خاندانن مان هڪ جي وارثن کي 35 لک رپيا معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته متاثر محمد اسلم جي وارثن کي ملازمت ڏيڻ جي به هدايت ڪئي.
نيپرا آگسٽ 2023 ۾ شهرين جي موت تي ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڪارروائي شروع ڪئي هئي ۽ چيو هو ته ڪي اليڪٽرڪ نيپرا ضابطن تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي.
ڪي اليڪٽرڪ ڪرنٽ لڳڻ سان فوت ٿيندڙ ڪيترن ئي ماڻهن کي چور، نشائي ۽ ذهني مريض قرار ڏئي ڇڏيو
You might also like