نجي اسڪولن جي واڌو فيسن کان تنگ والدين لاءِ سٺي خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نجي اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا ۽ ماهوار فيس کانسواءِ ٻين واڌو فيسن کان تنگ والدين لاءِ سٺي خبر اچي وئي.
ڊائريڪٽوريٽ پرائيويٽ انسٽيٽيوشن نجي اسڪولن لاءِ هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن موجب داخلا ۽ ماهوار فيس کانسواءِ سموريون واڌو فيسون غير قانوني تصوير ڪيون وينديون.
نوٽيفڪيشن موجب ڪو به پرائيويٽ اسڪول واڌو فيس وٺي ته سنڌ حڪومت سان رابطو ڪيو وڃي، واڌو فيسون وصول ڪندڙ پرائيويٽ اسڪولن خلاف ڪارروائي ٿيندي، والدين کي اسڪول جي مونوگرام واريون ڪاپيون خريدڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.