اسپين جي فٽبالر روڊري ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو فٽبال جي دنيا جو سڀ کان وڏو ايوارڊ ”بيلن ڊي اور “ کٽي ورتو.
بهترين فٽبالر جي ايوارڊ جي ڊوڙ ۾ برازيل جو ونڪلس جونيئر ۽ انگلينڊ جو جوڊي بيلنگهم به شامل هئا، پر 28 ورهين جي اسپينش مڊ فيلڊرز روڊري کي ” بيلن ڊي اور“ جو فاتح قرار ڏنو ويو.
هلندڙ سال يورپيئن چيمپيئن شپ جي بهترين رانديگر جو اعزاز به روڊري جي نالي رهيو.
ان کانسواءِ هن پريميئر ليگ ۾ پنهنجي ٽيم مانچيسٽرڊ سٽي کي ڪاميابيءَ ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو هو.
روڊري ” بيلن دي اور “ کٽيندڙ ٽيون هسپانوي فٽبالر آهي، ان کان اڳ 1957ع ۽ 1959ع ۾ الفريڊو ڊي اسٽيفانو ۽ وري 1960ع ۾ لوئس ساريز اِهو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو هو.
اسپين 2010ع ۾ عالمي چيمپيئن بڻيو جڏهن ته اسپينش ٽيم 2008ع ۽ 2012ع ۾ يورو ڪپ جي فاتح رهي.
ان عرصي دوران ٽيم جي نمائندگي ڪندڙ راندگرن کي گولڊن جنريشن قرار ڏنو ويو، پر تڏهن به اسپين سان واسطو رکندڙ ڪو رانديگر ” بيلن ڊي اور “ ايوارڊ حاصل نه ڪري سگهيو.
هي اِهو دور آهي جڏهن ” بيلن ڊي اور “ جي ڊوڙ ۾ پرتگال جو ليجنڊري فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ ارجنٽينا کي عالمي چيمپيئن بڻائيندڙ ڪپتان ليونل ميسي شامل هئا ۽ گهڻي قدر ان ايوارڊ لاءِ ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي فاتح قرار ڏنو ويندو هو.
ٻن ڏهاڪن کانپوءِ پهريون ڀيرو هلندڙ سال ” بيلن ڊي اور “ جي ڊوڙ ۾ ميسي ۽ رونالڊو شامل نه هئا. ميسي اٺ ڀيرا اِهو ايوارڊ کٽڻ ۾ ڪامياب رهيو ۽ مجموعي طور 16 ڀيرا ايوارڊ جي نامزدگي حاصل ڪئي.
رونالڊو کي پنج ڀيرا ايوارڊ جو حقدار قرار ڏنو ويو، پر هو گذريل ٻن ورهين کان بيلن ڊي اور جي نامزدگي حاصل ناهي ڪري سگهيو.
You might also like