اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي آزادي ۽ پشاور روانگي تي ردعمل ڏنو آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ خواجا آصف چيو ته بشريٰ بي بي جي آزادي ۽ پشاور وڃڻ معمولي عمل ناهي، گنڊاپور جو پهريان ڌمڪيون ڏيڻ، جلوس مان گم ٿيڻ ۽ پوءِ ظاهر ٿيڻ معمولي عمل ناهي.
هن چيو ته پنجاب ڇڏي پشاور جي سي ايم هائوس ۾ ديرا ڄمائڻ پردي پٺيان ڪنهن ڪهاڻي جي نشاندهي آهي، ٻئي شخصيتون ڪنهن معافي تلافي جي خبر ڏين ٿيون.
سندس چوڻ هو ته اهو سڀ ڪجهه پي ٽي آءِ جي باني جي مرضي کانسواءِ ناهي ٿي رهيو، هو ڪارڪنن کي گڏ ڪري رهيا آهن.
You might also like