غزا (ويب ڊيسڪ) اتر غزا جي علائقي جباليا ۾ فلسطيني مزاحمت ڪندڙن سان جهڙپ ۾ 4 اسرائيلي فوجي اهلڪار مارجي ويا.
اسرائيلي فوج جي بيان موجب مارجي ويل فوجين ۾ هڪ ڪيپٽن ۽ 3 اسٽاف سارجنٽ شامل آهن.
اسرائيلي فوج طرفان ٻڌايو ويو ته جهڙپ ۾ اسرائيلي فوج جو هڪ آفيسر پڻ سخت زخمي ٿيو.
اسرائيلي ميڊيا موجب مارجي ويل فوجي اسرائيلي فوج جي گھوسٽ يونٽ جو حصو هئا ۽ فوج سندن موت جي جاچ ڪري رهي آهي.
اسرائيلي فوج موجب گذريل هڪ سال کان جاري جنگ ۾ 766 اسرائيلي فوجي مارجي ويا آهن.
You might also like