نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ خطاب ڪندي آمريڪي نمائندي چيو آهي ته ايران، اسرائيل ۽ آمريڪي اهلڪارن تي وڌيڪ حملا ڪيا ته ان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
آمريڪي نمائندي لنڊا ٿامس گرين فيلڊ جو چوڻ هو ته هو پنهنجي دفاع ۾ ڪهن قدم کان پوئتي نه هٽندا.
لنڊا ٿامس چيو ته آمريڪا خطي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ نٿو ڏسڻ چاهي، ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ سڌيءَ ريت حملن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي.
ان موقعي تي ايراني نمائندي جو چوڻ هو ته اسرائيلي حملي جو پنهنجي وقت تي جواب ڏيڻ جو حق رکن ٿا، امريڪي حڪومت اسرائيلي جارحيت ۾ شريڪ آهي، ان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
Prev Post
You might also like