وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب پهچي ويو

رياض ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب پهچي ويو.
ناڻي وارو وزير محمد اورنگيزيب به وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف رياض انويسٽمينٽ فورم 24 ۾ شرڪت ڪندو.
وزيراعظم جي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان به ملاقات جو به امڪان آهي.
ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف جي ٻين سعودي عملدارن سان به ملاقات جي اميد آهي جنهن دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي جڏهن ته اقتصادي، توانائي ۽ دفاعي شعبن ۾ به سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون.
ٻئي پاسي پرڏيهي آفيس جـِي ترجمان جو چوڻ آهي ته 31 آڪٽوبر کي قطر وڃڻ جو به امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.