واشگنٽن ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني بابت ڪانگريس ميمبرن جو خط آمريڪي صدر جو بائيڊن کي ملي ويو.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر تصديق ڪئي ته صدر کي ميمبرن جو خط مليو آهي، هو مناسب وقت تي ميمبرن کي جواب ڏيندا.
ميٿو ملر آمريڪي سيڪريٽري مددگار مونيڪا جيڪب سن جي انساني حقن جي وفاقي سيڪريٽري سان ملاقات جي سوال جي جواب ۾ چيو ته ان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي جامع لاڳاپن ۾ انساني حقن، مضبوط جمهوري ادارن جي ڪردار تي زور ڏنو ويو.
ترجمان چيو ته هو پاڪستان ۾ جمهوريت کي برقرار ڏسڻ چاهين ٿا، ان ۾ جمهوريت ۾ حصو وٺڻ ۽ انهن جي بنيادي آزادين کي استعمال ڪرڻ جو حق به شامل آهي.
Next Post
You might also like