اسرائيل گڏيل قومن جي رليف ايجنسي ” انروا “ تي پابندي مڙهي ڇڏي

تل ابيب ( ويب ڊيسڪ ) اسرائيلي پارليامينٽ گڏيل قومن جي رليف ايجنسي ”انروا“ تي پابندي جو بل منظور ڪري ورتو.
اسرائيل طرفان اسرائيلي عملدارن ۽ رليف ايجنسي وچ ۾ رابطن تي پابندي، انروا سان لاڳاپا ختم ڪرڻ ۽ ان کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ به منظوري ڏني وئي.
ان حوالي سان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته انروا جي عملي کي اسرائيل خلاف دهشتگرد سرگرمين تي جوابدهه هجڻ گھرجي.
نيتن ياهو چيو ته غزه ۾ هاڻي ۽ مستقبل ۾ پائيدار انساني امداد دستياب رهندي، اسرائيل کي 48 ڪلاڪن جي جنگ بندي جي بدلي 4 يرغمالين جي آزادي لاءِ تجويز ناهي ملي.
ٻئي پاسي اسرائيلي قدم تي پنهنجي بيان ۾ انروا جو چوڻ هو ته اداري تي پابندي سان فلسطينين جي تڪليفن ۾ اضافو ٿيندو ۽ غزه جي عوام جون مشڪلاتون تمام گهڻيون وڌي وينديون.
آمريڪا گڏيل قومن جي اداري انروا تي اسرائيلي پابندين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته برطانيا به اسرائيلي پابندين کي غلط قرار ڏيندي مذمت ڪئي آهي.
اسرائيلي پارليامينٽ طرفان گڏيل قومن جي رليف اداري تي پابندي واري فيصلي جي سخت مذمت ڪندي فلسطين پابندي کي رد ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.